ٻيڙيءَ وارو سنت

ٻيڙيءَ وارو سنت: ٻيڙيءَ واري سنت جو اصل نالو شري نرتم هو. هن جو جنم 1865ع ڌاري پنجاب جي ڳوٺ هريپور ۾ سارسوت برهمڻ شري سکوپا جي گھر ۾ ٿيو. هن هوش سنڀالڻ بعد حيدرآباد جي گرو مندر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هيءُ بزرگ صفت انسان هو. شروع ۾ ڪراچي ۾ ڪجهه وقت رهيو، پر پوءِ گرومندر حيدرآباد ۾ اچي ديرو ڌمايائين. سري نروتم اڃا اٺن ورهين جو مس هو ته سندس والد وفات ڪري ويو. ۽ پوءِ سندس ماءُ امر ديويءَ کيس پالي وڏو ڪيو. هن کي ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جي ڄڻ ته ڏات مليل هئي. هن پنڊت رام بابا وٽان سنسڪرت سکي. شاسترن جو اڀياس ڪرڻ سان گڏ ملتان جي جوتشي فتحچند کان جوتش وديا جو گيان ورتائين. هيءُ باباڪانداس نالي بزرگ کان راڳ پڻ سکيو. سندس والده هن جو وهانءُ ڪرائڻ چاهيو ته بنهه جواب ڏنائين. هي اڪثر جھنگن ۾ وڃي تياڳ واري صورت ۾ رهندو هو. گروبندر تي ڏيرو اڏڻ بعد پريمي سندس درشن ڪرڻ ۽ من جون مرادون ماڻڻ لاءِ هن جي حاضري ڀري کانئس دعائون وٺندا هئا. جنهن تي اڪثر ڪري هيءُ مڙني پريمين کي سادگيءَ واري زندگي گذارڻ، روحانيت ڏانهن مائل ٿيڻ جو درس ڏيندو هو. هيءُ سائلن جي پئسي پائيءَ ۾ به مدد پڻ ڪندو هو. کيس گيان ڪندڙ، ودوان، نماڻو دياوان، سنت سمجهيو ويندو. هن مئي 1963ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1865.00.00  عيسوي

ٻيڙيءَ وارو سنت: ٻيڙيءَ واري سنت جو اصل نالو شري نرتم هو . هن جو جنم 1865ع ڌاري پنجاب جي ڳوٺ هريپور ۾ سارسوت برهمڻ شري سکوپا جي گھر ۾ ٿيو .


1963.05.00  عيسوي

ٻيڙيءَ وارو سنت: ٻيڙيءَ واري سنت جو اصل نالو شري نرتم هو . هن مئي 1963ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اياز عالم ابڙو
راجسٿاني عبدالهادي
خضر حيات خان سردار
ع ق شيخ
حزب الله آءِ سومرو
آنند هندوجا
راڻي آتمارام گدواڻي
نور محمد انڍڙ
جابر بن افلح
جتوئي مظهر علي ڪامريڊ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون